اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته بلاول ”لٽو ۽ ڦٽو“ واري پاليسي ڇڏي سنڌ تي ڌيان ڏي، بلاول هائوس ۾ پاليل چوها 20 ارب جي ڪڻڪ کائي ويا، مخالف ڌر جي منافقت ??ه بي مثال آه??، پهرين آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ تي منفي پروپئگنڊه ڪري رهي هئي، هاڻي وز??را??ظم جي عوامي ريليف پئڪيج تي واڳون وارا ڳوڙها وهائيندڙ مخالف ڌر بهادري جو مظاهرو ڪري ۽ انهن قدمن کي ساراهي، اسان جي حڪومت پيٽروليم مصنوعات تي سيلز ٽيڪس ٻُري ڪيو، (ن) ليگ 55 رپيا في ليٽر تائين سيلز ٽيڪس وٺندي رهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ پي ٽي آءِ جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اسان جي وڪيلن دليل ڏنا، اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽي ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ واضح لکيو آه?? ته پٽيشنر اڪبر ايس بابر ڪو تصديق ٿيل دستاويز پيش نه ڪيو، تصديق ٿيل دستاويز بطور ثبوت پيش نه ڪرڻ تي اسان اليڪشن ڪميشن کي گذارش ڪريون ٿا ته اڪبر ايس بابر کي ڪيس کان جدا ڪيو وڃي. مملڪتي وزير چيو ته اڪبر ايس بابر جو هاڻي هن ڪيس سان ڳنڍيل رهڻ جو ڪو جواز نه ٿو بڻجي، اسڪروٽني ڪميٽي پنهنجا اختيار استعمال ڪندي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کان ڊيٽا گهرائي هئي، حنيف عباسي جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب اسڪروٽني ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آه??، اليڪشن ڪميشن ڪيس ٻڌڻ چاهي ٿي، اسان اليڪشن ڪميشن کي مطمئن ڪنداسين، اڳ ۾ به اسڪروٽني ڪميٽي کي پي ٽي آءِ 40 هزار ڊونرز جو رڪارڊ پيش ڪيو هو، پي ٽي آءِ واحد پارٽي آه?? جنهن وٽ ماهر چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ۽ پوليٽيڪل فنڊ ريزنگ جو تجربو آه??. مملڪتي وزير چيو ته ٻين پارٽين وٽ ٻاهرئين ملڪن مان فنڊنگ جو ڪو رڪارڊ نه آه??، بينظير جي ڪتاب موجب نواز شريف سندس حڪومت ڪ??را??ڻ جي لاءِ اسامه بن لادن کان پئسا ورتا، فضل الرحمان ليبيا کان پئسا وٺي سيڪريٽريٽ تعمير ڪرايو، پيپلزپارٽي مارڪ سهگل کي لابنگ جي لاءِ پئسا ڏيندي رهي. مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته اسڪروٽني ڪميٽي غيرفعال ٿيڻ سان (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو فارن فنڊنگ ڪيس اڳتي نه وڌي رهيو آه??، اسان جو مطالبو آه?? ته اليڪشن ڪميشن فوري طور تي اسڪروٽني ڪميٽي کي فعال ڪري. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ جا 9 ۽ پيپلزپارٽي جا 12 ڳجها اڪائونٽس سامهون آيا آه??، ٻنهي پارٽين پارٽين پارٽي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو. فرخ حبيب چيو ته وز??را??ظم عمران خان پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ عالمي سطح تي اضافي جي باوجود گهٽتائي ڪري عوام کي ريليف ڏنو آه??، بجلي جي يونٽ ۾ 5 رپيا گهٽتائي سان 95 سيڪڙو صارفين کي فائدو ٿيو ۽ بل 20 کان 50 سيڪڙو تائين گهٽ ايندا، 2008ع کان 2018ع تائين پاڪستان ۾ هر طرف اونداهي ئي اونداهي هئي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڦرلٽ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، ڪوويڊ 19 آيو ته ان وقت ??ه مشڪلات هئي پر عمران خان 1200 ارب جو ريليف پئڪيج ڏنو، 3 مهينن جا بل معاف ڪيا، عالمي سطح تي مهانگائي ٿي ته آمريڪا ۽ يورپ جهڙا ترقي يافته ملڪ به متاثر ٿيا. مملڪتي وزير چيو ته 40 ڊالر في بيرل آئل 100 ڊالر، 40 وارو ڪوئلو 200 ڊالر، 6 ڊالر ايل اين جي 40 ڊالر تائين پهچي وئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته وز??را??ظم جو جن صحافين طرف اشارو هو اهي سمجهي ويا آه??، سڀني جي لاءِ نه چيو، آءِ ايم ايف ڄاڻي اسان ڄاڻون، انهن کي مطمئن اسان کي ڪرڻو آه?? مخالف ڌر کي نه، ايماندار وز??را??ظم ۽ ڪرپٽ ۾ اهو ئي فرق هوندو آه??، مشڪل ۾ به عوام جو خيال رکڻ عمران خان جي اولين ترجيح آه??. فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت 8 مهينن ۾ 3800 ارب جو ٽيڪس گڏ ڪيو جڏهن ته (ن) ليگ هڪ سال ۾ مشڪل سان ايترو ٽيڪس گڏ ڪيو هو، عمران خان نه ته لنڊن ۾ محل ٺاهيا ۽ نه ئي مني لانڊرنگ ڪئي، ٽن سالن ۾ مخالف ڌر اهڙو ڪو ڪيس سامهون نه آڻي سگهي، اسان جي حڪومت پيٽروليم مصنوعات تي سيلز ٽيڪس ٻُري ڪيو، (ن) ليگ 55 رپيا في ليٽر تائين سيلز ٽيڪس وٺندي رهي، پيٽروليم مصنوعات تي سيلز ٽيڪس گهٽ ڪرڻ سان 70 ارب جو بار حڪومت پاڻ برداشت ڪري رهي آه??، عمران خان جي عوامي ريليف پئڪيج کانپوءِ مخالف ڌر جا ڳوڙها ارمان بڻجي وهي ويا آه??، بلاول جو لانگ نه ڪوئيڪ مارچ آه??، اچي ٻڌائي ڳجها اڪائونٽس ڪهڙي استعمال ۾ هئا، 15 سالن ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول لانگ مارچ ڇڏي ۽ ان کي سنڌ جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آه??، اڄ سنڌ جي عوام به هيلٿ ڪارڊ گهري رهي آه??، پيپلزپارٽي حڪومت ان تي به ڌيان ڏي.