اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??مران خ??ن جون تباهه ڪيل حالتون اسان سنڀالي رهيا آهيون، جيڪو عوامي خيال اقتدار وڃڻ کانپوءِ ياد اچي، اهو منهن تي چماٽ هوندو آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خ??ن جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي هن چيو ته ??ڪومت توه??ن جي معاشي دهشتگردي جي اثرن جي ڀنور مان ڪڍي رهي ??هي، توه??ن جي تڪبر، ضد، انتشار ۽ نفرت انگيز سياست جي اثرن کان ??لڪ کي پاڪ ڪري رهي ??هي. هن چيو ته چار سال ۾ ملڪ ۾ تبديلي جو نعرو هڻندڙن هر شعبي ۾ تباهي ??ا داستان ڇڏيا آهن.