اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آه?? ته عمران نيازي ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهي، ڊڪٽيشن وڃي پنهنجي گهر ۾ ڏي، اسان کي ڊڪٽيشن نه ٿو ڏئي سگهي، چونڊون ڪڏهن ڪرائڻيون آهن فيصلو اتحادي حڪومت ۽ ايوان ڪندو، هڪ صوبائي حڪومت جي ??ربراهه جي معاونت سان وفاق تي حملو ڪيو ويو، ڪنهن جٿي يا پارٽي کي آئين سان بغات جو حق نه ٿو ڏئي سگهجي، پوڻا چار سال دوران عمران نيازي گارگند کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، معاشري ۾ ورڇ پيدا ڪري ڇڏي آهي، عدليه ۽ ادارن کي بدنام ڪيو پيو وڃي، بلين ٽري جي ڪوڙي دعويٰ ڪندڙن اسلام آباد ۾ وڻن کي باهه لڳائي ڇڏي، مذهب کي ذاتي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ??يتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، عمران نيازي وسيلا نه هجڻ جي ??اوجود پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون گهٽ ڪري بارودي سرنگهه وڇائي ويو، چونڊ (ترميمي) بل جي منظوري سان شفاف چونڊ?? جو بنياد رکيو ويو آهي، ٻڏل ۽ لوڏا کائيندڙ معيشت کي ڪناري لڳائينداسين، پاڪستان کي عظيم ملڪ بڻائڻ جي لاءِ جان لڳائي ڇڏينداسين، ياسين ملڪ کي ڪوڙي ڪيس ۾ سزا ڏيڻ جي مذمت ڪريون ٿا، پاڪستان ياسين ملڪ جي ??زا جي ??لاف ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين جي ??ودمختياري جي ??ق لاءِ انهن سان گڏ بيٺل رهندو. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 10 اپريل 2022ع تاريخي ڏينهن هو. پهريون ڀيرو پاڪستان جي ??اريخ ۾ آين، قانون جي ??وح موجب بي اعتمادي جي قرارداد ڪامياب ٿي. آئين موجب هن ايوان جي منشا ۽ ووٽن سان نئين حڪومت قائم ٿي. نه ڀتيون اورانگهيون ويون، نه گرفتاريون ٿيون ۽ پاڪستان ۽ هن ايوان جي ??زت ۽ توقير ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته سمورن ادارن هن پارليامينٽ جي ڪُک مان جنم ورتو آهي هي انهن جي ماءُ آهي. ڇا جٿي يا ڪنهن پارٽي کي ڏنڊن ۽ پٿرن ذريعي آئين سان بغاوت جو حق ڏئي سگهجي ٿو ته اها آئين کي ستياناس ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته هن 11 اپريل تي حلف کنيو ان وقت اتحادي حڪومت جي ??امهون ٻه هدف هئا. هڪ ته شفاف طريقي سان چونڊون ڪرائڻ جنهن جي لاءِ هتي اڄ بل پيش ڪيو ويو آهي، هن بل جي منظوري تي ايوان کي مبارڪباد ڏيان ٿو. بل منظور ڪري شفاف چونڊ?? جو بنياد رکيو ويو آهي. ان جي لاءِ سمورن اڳواڻن ۽ ميمبر?? جو ٿورائتو آهيان. اسپيڪر جا به ٿورا ادا ڪريان ٿو جو هن ان جي لاءِ بحث ڪرايو. هن چيو ته اسا?? جو بيو هدف ٻڏل ۽ لوڏا کائيندڙ معيشت کي ڪناري لڳائڻ آهي، اهو هڪ مشڪل ڪم آهي پر دنيا جي ??اريخ گواهه آه?? ته جڏهن به حالتون مشڪل ۽ چئلينجز وڏا هجن ته ايتري ئي قوت ۽ محنت سان ڪم ڪرڻو پوي ٿو تڏهن ئي حالت?? جو رخ تبديل ٿئي ٿو. قرآن ڪريم ۽ اسوه حسنه مان به اسان کي ان ڳالهه جو درس ملي ٿو ته محنت سان ڪم ڪنداسين ته اڳتي وڌنداسين. انهن هدفن جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون، اهڙين حالتن ۾ جڏهن گذريل حڪومت معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو ان کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون. اهڙين حالتن ۾ فتني، فساد، نفرتن يا انارڪي جي ڪا گنجائش نه آهي. وزيراعظم چيو ته 2014ع ۾ جڏهن ڊي چوڪ ۾ ڌرڻو ٿي رهيو هو ۽ سپريم ڪورٽ جي ڀتين تي ڪپڙا سُڪايا پئي ويا ۽ قبرون کوٽيون ويون هيون ان وقت عمران نيازي گلو ڦاڙي ڦاڙي چئي رهيو هو ته ان وقت جي وزيراعظم کي به پڪڙي کڻي اچو، هن رات جي ??ونداهي ۾ پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملو ڪيو. دل ڏکوئيندڙ منظر اڄ به اسان جي ??کين آڏو آهن ۽ انهن ڌرڻن جي ڪري چي?? جو صدر جيڪو پاڪستا?? جو بهترين دوست آهي هن پاڪستا?? جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو جڏهن ته چيني سفير به عمران نيازي کي اهو پيغام موڪليو هو ته چي?? جو صدر پاڪستان اچي رهيو آهي ان لاءِ ڌرڻي جي ??ڳهه خالي ڪري ڇڏيو پر عمران نيازي انڪار ڪري ڇڏيو. چين وانگر اسلامي ملڪ به اسان جا دوست آهن. اها عمران نيازي جي پاڪستان جي ??رقي ۽ خوشحالي، غريبن، بيواهن ۽ اونداهين جي ??اتمي جي لاءِ ڪيل ڪوششن جي ??لاف هڪ سازش هئي، چيني صدر جو دورو ملتوي ٿيڻ سان اسا?? جو معاهدو به دير جو شڪار ٿيو ۽ 7 مهينن کانپوءِ جڏهن ٻيهر هو پاڪستان آيو ته چين سان اسان جا معاهدا ٿيا. وزيراعظم چيو ته هن ڪيروٽ پن بجلي منصو??ي جو دورو ڪيو آهي، اهو 720 ميگاواٽ جو منصوبو آهي، جيڪڏهن 2014ع ۾ ان منصوبي جي ??والي سان معاهدي تي صحيحون ٿي وڃن ها ته هي هڪ سال اڳ مڪمل ٿئي ها ۽ اسان کي 700 ميگاواٽ بجلي اڳ ۾ ملي وڃي ها. دوري جي ??وران چيني ڪمپني جي ??ربراهه اسان کي چيو آه?? ته جيستائين ڪمرشل طور تي بجلي سسٽم ۾ شامل نه ٿي ٿئي ان وقت تائين توهان اسان کي ادائيگي نه ڪريو. ان سان پاڪستان کي 4 ارب رپي?? جو فائدو ٿيندو ۽ اها رقم اسان ڪنهن جڳهه تي ڪينسر اسپتال، يونيورسٽيون ٺاهڻ ۽ بلوچستان ۾ شمسي توانائي جو پلانٽ لڳائڻ تي خرچ ڪري سگهون ٿا يا پوءِ ان سان غريب?? جو مفت علاج ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان جي قوم تمام ڏکويل آهي، گذريل پوڻا سال دوران عمران نيازي گارگند کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو. ايستائين چيو پيو وڃ?? ته ان دور ۾ تمام گهڻو وقت ضايع ٿيو آهي، جيڪڏهن عمران نيازي ملڪ جي لاءِ ڪجهه ڪري ها ته اهڙي طرح جا طعنيٰ نه ٻڌڻا پون ها، اهو ته قائداعظم جي ??وح ۽ پاڪستان قائم ڪرڻ ۾ پنهنجي ??انين جا نذرانا پيش ڪندڙن جي ??وحن کي تڙپائڻ ۽ ڏک ڏيڻ جي ??رابر آهي. شهباز شريف چيو ته ڌرڻن سان قومي تشخص مجروح ٿيو آهي. جڏهن اسان ملڪ جي ??يڙي کي ڪناري لڳائڻ جي لاءِ ڪوششون شروع ڪيون آهن ته جلاءُ گهيراءُ ۽ ڊي چوڪ تائين پهچڻ جون ڳالهيون ٻيهر شروع ڪيون ويون، ساڍا ٽي سال گارگند انه?? جو شيوو رهيو. 2014ع جا دل ڏکوئيندڙ واقعا ذهنن ۾ ٻيهر تازا ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن تاريخ کي ٻيهر ورجايو ويو ته پوءِ ڪجهه نه بچندو. هن چيو ته عدليه ۽ ادارن کي بدنام ڪيو پيو وڃي، ڪالهه سپريم ڪورٽ جڏهن فيصلو ڏنو ته اسان هڪ لفظ به ان حوالي سان نه چيو جڏهن ته عمران نيازي چوندو هو ته فلاڻو چيف جسٽس جيڪڏهن منهنجو ڪيس ٻڌ?? ته آئون ان لاءِ تيار آهيان، پوءِ سڀني اهو ڏٺو ته انهي جي ??لاف الزام بازي به شروع ڪري ڇڏي. ان جي ??ها عادت آه?? ته فيصلو هق ۾ هجي ??ه سٺو لڳي ٿو، جيڪڏهن خلاف اچ?? ته ادارن کي گاريون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو، قوم ڪيستائين اهو برداشت ڪندي. جيڪڏهن اهو سلسلو رهيو ته پوءِ ترقي ۽ خوشحالي جو رستو جام ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته 90ع جي ڏهاڪي ۾ اسان جي ??پئي جي قدر ڀارتي رپئي کان وڌيڪ هئي، ان وقت پاڪستان جي معيشت کي آزاد بڻايو ويو جنهن جي ڀارت به اسان جي نقل ڪئي، اڄ ڀارت ۾ آءِ ٽي جو روانگي واپار 200 ارب ڊالر ۽ اسا?? جو رڳو ڏيڍ ارب ڊالر آهي. اهڙي طرح ڪوريا به اسان جي پلان تي عمل ڪري اڳتي نڪري ويو. ملڪ سان اهو سنگين مذاق جاري نه ٿو رهي سگهي، ان کي ختم ڪرڻو پوندو، اسان سياستدان آهيون، تلخيون به ٿين ٿيون پر ڳالهه ٻولهه سان معاملا حل ٿي سگهن ٿا پر جيڪڏهن آئون نه مڃان واري ڳالهه هجي ۽ بندوق کڻي وٺون ته پوءِ ا?? جو ڪو حل نه آهي. لاهور ۾ هڪ پوليس اهلڪار کي شهيد ڪيو ويو پر پي ٽي آءِ جي ??ربراهه ان بابت ڇا چيو، ڪڏهن ائين ٿيو آه?? ته ڪو اهلڪار ڊيوٽي دوران شهادت جو منصب ماڻي ۽ ان تي طنز ڪيو وڃي. هن چيو ته عمران نيازي معاشري ۾ زهر گهوليو آهي ۽ ورڇ پيدا ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن اها ڪس ٻڌي ڇڏي آهي ۽ ڪوشش شروع ڪئي آه?? ته ملڪ جي ??الت بدلائينداسين ته ٻيهر ڌرڻن ۽ جلاءُ گهيراءُ جو ڪهڙو جواز آهي. وزيراعظم چيو ته ساڍا ٽي سالن ۾ مخالف ڌر کي گاريون ڏنيون ويون، اڄ هن ايوان، آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، اختر مينگل، خالد مگسي، خالد مقبول صديقي، چوڌري سالڪ حسين ۽ مولانا اسعد محمود کي فيصلو ڪرڻو آه?? ته اسان کي ان فتني جو رستو روڪڻو آهي. 126 ڏينهن ڊي چوڪ ۾ تماشو لڳايو ويو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر خوني مارچ کي ورجايو ويو آهي ۽ جٿا اسلام آباد آندا ويا، ان جي قطعي طور تي اجازت نه هجڻ گهرجي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير ۽ خيبرپختونخواهه پوليس سان جٿو هتي آيو، ڪڏهن ائين ٿيو آه?? ته هڪ صوبو وفاق تي حملو ڪري ڇڏي، هڪ صوبي جي ??ڪومت جي ??ربراهه جي پوري معاونت سان وفاق تي حملو ڪيو ويو آهي، ڪنهن مهذب معاشري ۾ ان جي ??جازت نه ٿي ڏئي سگهجي. بلين ٽري جي ڪوڙي دعويٰ ڪندڙن اسلام آباد ۾ وڻ ساڙيا ۽ انهن کي پاڙن کان پٽي اڇلايو. هاڻي اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو آه?? ته ڇا اسان کي تخريب طرف وڃڻو آهي يا تعمير جي ??رف. اسلام آباد جي پوليس، رينجرز، ايف سي، ٽريفڪ پوليس انتظاميا ۽ سمورن ادارن جي ??هلڪارن کي جن خوني مارچ ۽ جٿن سان ماڻهن جي ??ان ۽ مال جي ??حفظ جي لاءِ ايمانداري سان فرض سرانجام ڏنا انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. لاهور ۾ جيڪو پوليس اهلڪار شهيد ٿيو آهي الله تعاليٰ ان جا درجا بلند فرمائي. ان جي پونئيرن جي ??خمن تي لوڻ ٻُرڪڻ وڏو ظلم ۽ زيادتي آهي. وزيراعظم چيو ته شهيد پوليس اهلڪار ۽ زخمين جي لاءِ وفاق پاران پئڪيج جو اعلان ڪريان ٿو ته جيئن ان جي ??وصلا افزائي ٿي. ميٽرو اڳ ۾ به اسان تعمير ڪئي پوءِ انهن تخريب ڪئي، اسان ان کي بحال ڪيو هاڻي ٻيهر بحال ڪنداسين پر 22 ڪروڙ عوام ڪيستائين انهن کي برداشت ڪندي رهندي. هن چيو ته ويجهي ماضي ۾ دهشتگردي ۾ هزارين ماڻهو شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ??هلڪارن، چئني صوبن خاص طور تي خيبرپختونخواهه جي ??وام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن پر لانگ مارچ جي لاءِ پشاور مان جهاد جا نعرا ڪنهن جي ??لاف لڳايا ويا، مذهب کي ذاتي مقصد جي لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي ان فعل جي ??يتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، ايوان ڪالهه جي واقعن جي ??لاف قرارداد منظور ڪري ۽ ڪا به حڪومت هجي يا پارليامينٽ ان کي اختيار ڏ?? ته عوام جي ??ان ۽ مال جي ??فاظت جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي جي ??خري ڏينهن ۾ دنيا ۾ تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون هيون پر عمران نيازي وسيلا نه هجڻ جي ??اوجود پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌائڻ بدران گهٽ ڪري ڇڏيون ته جيئن ايندڙ حڪومت جي لاءِ مشڪلاتون وڌن. هو پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت گهٽ ڪري اسان جي لاءِ بارودي سرنگهه وڇائي ويو ته جيئن جيڪڏهن نئين حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن وڌائي ٿ?? ته پوءِ اهو شوشو ڇڏيندو ته اسان گهٽ ڪيون هيون انهن قيمتون وڌائي ڇڏيون آهن. ان کي پنهنجي ??ور ۾ اٽي ۽ ٻين شين جي قيمتن گهٽ ڪرڻ جو خيال ڇو نه آيو. عمران نياز?? ته پنهنجي ??ور ۾ ته مفت دوائن جي فراهمي ۽ مفت علاج جي ??هولت تائين بند ڪري ڇڏي هئي، ان کانپوءِ به ڇا ڪنهن ڪو ثبوت گهرجي ??ه ترقي ۽ خوشحالي جو هي ڪيترو دشمن آهي. وزيراعظم چيو ته هر ڪنهن کي خبر هئ?? ته 25 مئي تي ڀارت جي ??الم ۽ جابر حڪومت عظيم ڪشميري ليڊر ياسين ملڪ کي ڪوڙي ڪيس ۾ سزا ٻڌائڻ واري آهي، عمران نيازي ذرو به خيال نه ڪيو، هو 25 مئي بدران ڪو ٻيو ڏينهن به ان جي لاءِ رکي سگهيو پئي پر ان کي شهيدن ۽ ڪشميرين جي پرواهه نه آهي، هي پٿر دل انسان آهي، هن ته پنهنجي پارٽي جي ??اني ميمبر نعيم الحق جي نه ته جنازي نماز پڙهي ۽ نه ئي فاتحه خواني ڪئي. اهڙو شخص ڪشميرين جي ڪهڙي پرواهه ڪندو، هن ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته ياسين ملڪ هڪ عظيم ماءُ جو عظيم پٽ آهي، پورو ايوان ان کي سزا ڏيڻ جي مذمت ڪري ٿو. سندس گهرواريءَ ۽ ٻارڙي کي يقين ڏياريان ٿو ته پاڪستان ياسين ملڪ جي ??زا جي ??لاف ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين جي ??ودمختياري جي ??ق جي لاءِ انهن سان گڏ بيٺل هوندو. وزيراعظم چيو ته قائد جي پاڪستان تي خطرا ڦيرا ڏيئي رهيا آهن پر اهو واضح ڪري ڇڏيڻ چاهيان ٿو ته عمران نيازي غلط فهمي ۾ نه رهجان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ دروازا کليل آهن، ڪميٽي به ٺاهي سگهان ٿو پر تون جيڪڏهن ڊڪٽيشن ڏيندي ۽ دٻائڻ جي ڪوشش ڪندين ته ڊڪٽيشن وڃي پنهنجي گهر ۾ ڏي، ايوان کي نه ڏي، اسان اها ڊڪٽيشن قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته مشڪلاتون ۽ چئلينجز موجود آهن پر اسان پرعزم آهيون، پاڪستان کي عظيم ملڪ بڻائڻ جي لاءِ جان لڳائي ڇڏينداسين، اتفاق ۽ محنت سان 22 ڪروڙ عوام کي وڃايل مقام ڏيارينداسين.