اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستان ۾ جاپاني ڪمپنين کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جڏهن ته وزيراعظم هدايت ڪئي ته جاپاني ڪمپنين کي درپيش سمورا مسئلا هڪ هفتي جي اندر حل ڪري کين رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ايڪسپورٽ پراسيسنگ زونز کي ٽيڪس فري ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري ??يان موجب وزيراعظم سان جاپاني ڪمپنين جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته جاپاني وفد کي دعوت ڏيون ٿا ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جي فروغ لاءِ پاڪستان جو جلد دورو ڪن، پاڪستان ۾ جاپاني ڪمپنيون پنهنجي سيڙپڪاري ??ان ايڪسپورٽ انڊسٽري ??ي قيام تي ڪم ڪن،ٿر ۾ ڪوئلي، چنيوٽ ۾ لوهه جا ذخيرا، قابل تجديد توانائي، انفرااسٽرڪچر ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سيڙپڪاري ۽ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، اهي ملاقات وزيراعظم جي سمورين مقامي ۽ عالمي ڪاروباري ۽ واپاري ??سٽيڪ هولڊرز سان بجيٽ جي سلسلي ۾ ملاقاتن جي هڪ ڪڙي آهي، جاپاني وفد ۾ پاڪستان ۾ جاپان جي سفير ميستو هيرو واڊا، جاپاني ڪمرشل اتاشي ۽ سمورن وڏن صنعتي ۽ واپاري ??عبن ۾ ڪم ڪندڙ جاپاني ڪمپنين جا نمائندا شريڪ ٿيا. ان کانسواءِ اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خرم دستگير، مفت??ح اسماعيل، مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ عم??دارن به شرڪت ڪئي. جاپاني ڪمپنين وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن تحت موجوده حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، ان کانسواءِ جاپاني ڪمپنين اليڪٽرڪ وهيڪل مينو فيڪچرنگ، فوڊ پراسيسنگ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، ٽيڪسٽائيل سيڪٽر، ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۽ آ??و پارٽس مينوفيڪچرنگ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري ??لچسپي جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ جاپان 2022ع ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته جاپان جي ترقي پوري ??نيا لاءِ مثال آهي، پاڪستان – جاپان تعاون کي فروغ ڏئي پاڪستان جاپان جي تجربن مان لاڀ پرائي سگهي ٿو.