اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي 51 هين ق??مي ڏهاڙي جي موقعي تي ??ڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل ورثي ۽ گهڻ رخي تعاو?? تي ٻڌل آهن، پاڪستان جي عوام گڏيل عرب امارات کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿي. اها ڳالهه هن گڏيل عرب امارات جي 51 هين ق??مي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب ۾ ڳالهائيندي چئي. اطل??عا?? واري وفاقي وزير پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران يو اي اي جي سفير کي خيرسگالي ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن چيو ته ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جو اهم حصو آهن، يو اي اي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي جنهن جو پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي غير??لڪ?? سيڙپڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ دعاڳو آهيون. تقريب ۾ گڏيل عرب امارات جو قومي ترانو ۽ روايتي رقص پڻ پيش ڪيو ويو جڏهن ته پارليامينٽ ميمبر، سياسي اڳواڻن سميت مختلف ??لڪ?? جا سفارتڪار به ان موقعي تي موجود هئا. يو اي اي جي سفير پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو.