اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراع??م محمد شهباز شريف 25 کان 26 نومبر 2022ع تائين ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. وزيراع??م محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪندو. جمعي تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات ??فاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان ترڪي اسٽريٽجڪ پارٽنر شپ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته پنهنجي دوري جي دوران وزيراعظم ترڪيه جي ڪاروباري برادري جي وفد ۽ اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جي صد?? سان ملاقات ڪندو.