اسلام آباد – 08 ?? ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري انڊونيشيا جي دوري جي موقعي تي بالي ۾ بوسنيا هرزيگوينا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوويڪ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا، واپار ۽ ٻطرفي تعاون جي طريقيڪار جي ذريعي گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن خميس ڏينهن ٿيندڙ ??لاقات ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي سگهه کي وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو.