اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي پاران شاگرد جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽُون روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 15 ڏينهن جي اندر ڊگري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن وفاقي ??حت??ب جي فيصلي جي خلاف ??اڪ??تان بيت المال جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي پاران شاگرد جي مارڪ شيٽ ۽ ڊگري روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن يونيورسٽي کي 15 ڏينهن جي اندر شاگرد کي ڊگري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر ??اڪ??تان بيت المال کي متاثر شاگرد جي شڪايت جو ازالو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. شاگرد کي وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ ??اڪ??تان بيت المال جي وچ ۾ ضابطي جي ڪارروائي ۾ دير جي ڪري ??ارڪ شيٽُون ۽ ڊگري ??ه پئي ڏنيُون ويُون. صدر چيو ته ليٽ فيس جي ادائيگي جي معاملي کي حل ڪرڻ بدران يونيورسٽي غيرمنصفاڻي طور تي شاگرد جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽُون روڪيون، ??اڪ??تان بيت المال پاران فيس سڌوسنئون يونيورسٽي کي ادا ڪئي ويندي هئي، ادائيگي ۾ شاگرد جو ڪو عمل دخل نه هو. صدر چيو ته يونيورسٽي کي چڱي ريت معلوم هو ته شاگرد احساس اسڪالرشپ پروگرام تحت تعليم حاصل ڪري رهيو هو، شاگرد عبادالرحمان (شڪايت ڪندڙ) بي بي اي جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽ جاري ڪرڻ جي لاءِ وفاقي ??حت???? کي اپيل ڪئي هئي. يونيورسٽي 122500 رپين جي رهتن جي ادائيگي نه ڪرڻ جي ڪري ڊگري روڪي هئي. وفاقي ??حت??ب شاگرد جي حق ۾ فيصلو ڪندي بيت المال کي معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، بيت المال فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو.