اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس انڊونيشين هم منصب رتنو مارسودي ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان سميت گڏيل دلچسپي جي عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پنهنجي ٽوئيٽرهينڊل تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي. ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران پرڏيهي وزي?? انڊونيشيا جي پاڪستان س??ن يڪجهتي، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن جي شڪار پاڪستان جي مسلسل امداد کي سا??اهيو. پرڏيهي وز??ر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ته هن پاڪستان انڊونيش??ا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، عورتن جي حقن ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.