سجاول-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪ??شنر امتياز علي ??بڙو شاهه بندر، جاتي ۽ کارو ڇان جي ساحلي ??لائقن جو دورو ڪري پاڪ فوج، رينجرز، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن پاران خطري ھيٺ آيل علائقن ۾ موجود ماڻهن کي محفوظ هنڌن ۽ امدادي ڪ??مپن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو جي ھلندڙ ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪ??شنر چيو ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي خطري کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميا پاران شاهه بندر، جاتي ۽ کارو ڇاڻ جي غير محفوظ ساحلي ??لائقن ۾ رھندڙ ماڻھن کي منتقل ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج، نيوي، رينجرز، ڪوسٽ گارڊز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي مدد سان ريسڪيو جو ڪم تيزي سان جاري آهي ته جيئن قيمتي جانين جي امڪاني نقصان کان بچي سگهجي. هن چيو ته ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميا پاران گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج سجاول، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سجاول، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سجاول I، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سجاول II، گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول سجاول، مور?? مرڪز سجاول، گورنمينٽ پرائمري مين اسڪول چانڊيا سجاول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول مدرسہ سائٽ سجاول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي يونس ميربحر جاتي، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جاتي، سيف اسڪول جاتي ٽائ??ن، مين پرائمري اسڪول جاتي ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بيگنا موري جاتي ۾ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هر رليف ڪيمپ ۾ اٽڪل 500 کان 800 ۽ 1000 ماڻهن جي رھائش جا انتظام ڪيا ويا آھ??. ڊپٽي ڪ??شنر چيو آهي ته هن وقت تائين 2000 کان وڌيڪ ماڻهن کي ساحلي ??لائقن مان ڪڍي مختلف رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين پڪل کاڌو، صفائي سٿرائي، حفظان صحت جو سامان، ترپال، ڪمبل ۽ ٻيون سموريون گهربل سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، چونڊيل نمائندن ۽ مقامي معززين ذريعي ماڻهن کي سامونڊي علائقن مان نڪرڻ تي آمادہ ڪرڻ بابت ڀرپور مهم پڻ هلائي پئي وڃي ته جيئن کين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪ??شنر وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيا به ڪيترائي ماڻهو خطري واري هنڌن تان نڪري چڪا آهن جن کي ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل امدادي ڪ??مپن ۾ منتقل ڪرڻ جون ڪوششون پڻ جاري آهن ته جيئن کين مشڪلات ۽ پريشاني کي بچائي سگهجي.