اسلام آباد – 29 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت معاشري جي ڪمزور ۽ نظرانداز طبقن جي فلاح لاءِ پرعزم آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ نوجوانن کي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ به حڪو??ت جي ترجيحن جو حصو آهي. اهڙن خيالن جو ا??هار هن پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ا??نڊ??ولا ڪمينارا سان ڳالهائيندي ڪيو.