اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم جو واعدو آهي ته غ??يبن کي ڇت فراهم ڪرڻي آهي، صنعت جڏهن هلندي آهي ته غ??يب جو چلهو ٻرندو آه??، عدالت ۾ ڪڏهن به ڏوهاري جي خواهش موجب ٽرائل ناهي ٿيندو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ قوم سان ??يانت ڪئي وئي جنهن تي قانوني ڪارروائي ٿيند??، عوام جي پئسي تي لڳندڙ ڌاڙي جو حساب ورتو ويندو، قانون سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو آهي ان ??ي اسان کي جدوجهد جاري رکڻي آهي، احتساب هن قوم جي ۽ و??ت جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنا سينٽر اسلام آباد ۾ سمارٽ ايڪسپو آف فيوچر ڊولپمينٽ هولڊنگ جي افتتاحي تقريب ۽ صحافين کي خطاب ڪندي ڪيو.