اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ امڪاني معاهدي جي ذريعي افغانستان ۾ قيام امن جي اميد ظاهر ڪندي چ??و آهي ته پهريون ڀيرو درست رخ ۾ شيون اڳتي وڌي رهيون آهن، امڪان آهي ته انهن ۾ جلد معاهدو ٿي ويندو، فلاحي رياست ۽ وڌ کان وڌ کان ماڻهن کي امداد جي فراهمي لاءِ سياست ۽ حڪومت ۾ اچڻ ضروري هو، اسان کي جدوجهد ڪرڻ گهرجي، ناڪامي کان نه ڊڄڻ گهرجي، آئون ناڪامي ۽ موت کان ناهيان ڊڄندو، اهڙن خيالن جو اظها?? هن بيلجيئم جي نشرياتي اداري ”وي آر ??ي“ کي انٽرويو ڏ??ندي ڪيو.