ڪنڊيان/ اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڻ پوکڻ نبي پاڪ صه جي سنت آهي، پاڪستان جي لاءِ وڻڪاري ڪيتري ??هم آهي، نوجوانن ۽ اسان جي ٻارن کي ان جو احساس نه آهي، پاڪستان ۾ ٻيلن کي اکين سان تباهه ٿيندي ڏٺو، ڪنديان جي ٻيلن جو تحفظ مقامي ماڻهن جي ذميواري آهي، پنجاب جو وڏو وزي?? ٻيلن تي قبضو ڪندڙن کي جيل ۾ وجهي. ڪنڊيان ۾ گرين پاڪستان مه?? تحت بهار موسم جي وڻڪاري مه?? جي افتتاحي تقريب کي خطا?? ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ آئون هتي هڪ خاص مقصد جي لاءِ آيو آهيان ڇو ته اسان جي ٻارن ۽ نوجوانن کي ان ڳالهه جو احساس نه آهي ته پاڪستان جي لاءِ وڻڪاري ڪيتري اهميت رکي ٿي.