راولپنڊي – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چي?? آهي ته ڪامياب جوان پروگرام وسيلي هيستائين 38 هزار نوجوانن کي اسڪلز اسڪالرشپ ڏنيون ويون آهن، جنهن ۾ 10 هزار عورتون شامل آهن، وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ڌيئرن جي صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي ڪامياب جوان پروگرام ۾ عورتن کي شامل ڪيو آهي، ان کان اڳ عورتن کي بهترين موقعا نه ڏنا ويا هئا، گذريل حڪومتن رستن، ن??لن ۽ پلين تي سيڙپڪاري ڪئي پر وزيارعظم عمران خان جي حڪومت نوجوانن تي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي جيڪا ملڪي ترقي جو سبب بڻجندي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن فاطمه جناح ويمن يونيورسٽي راولپنڊي ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي تقريب ??ي خطاب ڪندي ڪيو.