اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري شهيدن جو خون رنگ لائيندو ۽ ڪشمير جو پا??ستان سان الحاق ٿيندو. ڪشمير جي پا??ستان سان الحاق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام ۾ هن چيو ته 19 جولاءِ 1947ع تي پا??ستان سان ڪشمير جي الحاق جي قرارداد منظور ڪئي وئي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ان عزم جو ورجاءُ آهي ته ڪشميري ڀارت جي غاصباڻي قبضي کان آزادي ۽ پا??ستان سان الحاق جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري شهيدن جو خون رنگ لائيندو ۽ ڪشمير جو پا??ستان سان الحاق ٿيندو، ڀارت ڪشمير تي غاصباڻو قبضو ڪري رکيو آهي ۽ ڪشم??ري?? تي ظلم ڪري رهيو آهي. پا??ستان ڪشم??ري?? تي ڀارتي ظلمن جي خلاف هر عالمي فورم تي آواز اٿاري رهيو آهي.