لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان ??وزدار، وزير شبلي فراز ۽ حماد اظهر پڻ موجود هئا. ملاقات دوران سياسي ۽ حڪومتي معاملن سميت ٻين ا??شوز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان کي پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور پنجاب آب پاڪ اٿارٽي، ڪورونا بحران دوران رليف ق??من ۽ پنجاب جي يونيورسٽين ۾ سڌارن سميت ٻين قدمن بابت ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان چيو ته يونيورسٽين ۾ سڌارن جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن ۽ عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ قدمن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي سان ??وام کي ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين کان ??چائي سگهجي ٿو.