اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمان?? اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پارا?? جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 583 مريض?? جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 9 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 168 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 94، پنجاب ۾ 10 هزار 712، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 797، اسلام آباد ۾ 5 هزار 398 ، بلوچستان ۾ هڪ هزار 274 ، گلگت بلتستان ۾ 444، آزاد ڪشمير ۾ 449 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو ت??دا?? 3 لک 2 هزار 375 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 76 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 ج?? ايڪٽو ڪيسن جو ت??دا?? 8 هزار 15 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو ت??دا?? 3 لک 16 هزار 934 آهي.