قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ٻيا سرڪاري کاتا غير قانوني سرگرمين خلاف ڪاررواين کي پوري طاقت سان جاري رکندا: آرمي چيف

image

روالپنڊي-06 آڪٽوبر(اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ٻيا سرڪاري کاتا غير قانوني سرگرمين خلاف ڪاررواين کي پوري طاقت سان جاري رکندا ته جيئن وسيلن جي چوري ۽ انهن سرگرمين سبب ملڪ کي ٿيندڙ معاشي نقصانن کي روڪي سگهجي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف ڪراچيءَ جو دؤرو ۽ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان صوبائي ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اپيڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس دوران نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان، سنڌ جي ڪچي علائقي ۾ آپريشن، سي پي اي سي/نان سي پي اي سي/پرائيويٽ پراجيڪٽس تي ڪم ڪندڙ پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي، غير قانوني پرڏيهين جي وطن واپسي، غير ملڪي ڪرنسيءَ کي ريگولرائز ڪرڻ جي قدمن، ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان، سنڌ ۾ ايس آءِ ايف سي جي قدمن تي اڳڀرائي ۽ گرين سنڌ جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف تاريخي قدمن جي فائدي لاءِ سمورن لاڳاپيل کاتن وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورتن تي زور ڏنو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه کي ورجايو ته رياستي ادارا، سرڪاري کاتا ۽ عوام صوبي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ متحد آهن. ان کان اڳ آرمي چيف جي آمد تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي سندس استقبال ڪيو.

مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں