اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي مدد سان پاڪستان ۾ ڪيل دهشتگردي، ڪشمير ۾ ان جي ظلمن ۽ 15 سالن کان اسان جي خلاف برپا ان جي ڊس انفارميشن مهم جو پردو هٽي ٿي چڪو آهي، ڀارتي ميڊيا پاڻ مودي سرڪار سان ڳٺ جوڙ کي بي نقاب ڪيو آهي، پاڪستان ڀارت جي جارحاڻي ارادن ۽ مودي سرڪار جي سفاڪيت تان پردو هٽائيندو رهندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته 2019ع ۾ جنرل اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ ??ون ٻڌايو ته سفاڪ ??ودي سرڪار بالاڪوٽ واقعي کي ڪيئن پنهنجي چونڊ فت?? لاءِ استعمال ڪيو. هاڻي پنهنجي سياه ڪارين جي حوالي سان م??هو?? ڀارتي صحافي جي تازه ڪميونڪيشن سان مودي سرڪار ۽ ڀارتي ميڊيا وچ ۾ ناپاڪ ڳٺ جوڙ بي نقاب ٿيو آهي.