اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران ??ان ??و بنيادي مقصد سياست ۾ پئسي جي استعمال کي ختم ڪرڻ آهي، ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪن??ڙ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي 10 سالن جي اقتدار جي دور ۾ اليڪشن ۾ شفافيت لاءِ ڪو عملي قدم ناهي کنيو، وصيت جي صحيحن کي اهميت ڏيندڙن کي خبر هجڻ گهرجي ته ميثاق جمهوريت تي به بينظير ڀٽو جي صحيح هئي، پاڪستان ??ي 22 ڪروڙ عوام ان ڳالهه ??ي قائل ٿي چڪي آهي ته اليڪشن جو نظام شفاف هجڻ گهرجي، اسان ??و قانوني بحث به اهو ئي آهي ته ڪنهن پارٽي يا الائنس پاران نامزد اميدوارن کي ئي سينيٽ جو ميمبر چونڊجڻ گهرجي. سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ بابت معاملي جي ٻڌڻي کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد به ساڻس گڏ هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عمران ??ان هڪ اهڙو قائد آهي جيڪو ملڪ ۾ بنيادي سڌارن جي ذريعي جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بڻائي ان کي عوام جي خواهشن جو ترجمان ??ڻائڻ چاهي ٿو. جڏهن پارليامينٽ ۾ شفافيت سان ??يم پي ايز جي و??ٽن سان چونڊجي سينيٽر ايندا ته هو ملڪ ۽ صوبي جي مفاد ۾ ڪم ڪن??ا. اسان ??و بنيادي مقصد ئي اهو آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ پارٽي جي چونڊيل اميدوارن کي ئي و??ٽ ملن.