اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فاران السعود چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو سعودي عرب جو دورو گڏيل لاڳاپن جي تاريخ ۾ انتهائي اهميت رکي ٿو، وزيراعظم جو هي دورو شاندار آهي ۽ ان ۾ ڪيترائي معاملا طئي ٿيا. پاڪستان ٽيليويز?? کي وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجي ان??رويو ۾ هن چيو ته وزيراعظم جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار ۾ وسيع سهولتن تي ٻڌل اقتصادي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته سعودي عرب ۾ 20 لک کان و??يڪ پاڪستاني رهن ٿا، جيڪي قومي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دوري دوران ٻنهي ملڪن مسلمان امت سان لاڳاپيل ۽ گڏيل معاملن تي تعاون و??ائڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.