اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي، موجوده حڪومت پنهنجي حڪومتي دور ۾ ميڊيا تي ڪڏهن به ڪا پابندي نه لاڳو ڪئي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته موجوده حڪومت ۾ سڀني کي اظهار راءِ جي آزادي حاصل آه??، پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بابت اسٽيڪ هولڊرز سان خي??لن جي ڏي وٺ جي هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آه??، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت عام ماڻهو جي طرز زندگي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ گڊ گورننس کي يقيني بڻائي رهي آه??