اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) آبادگار بر??ار?? وزيراعظم عمران خان جي موثر قدمن کي ساراهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب اسيمبلي مان شوگر فيڪٽريز ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2021ع منظور ٿيو ۽ صوبي ۾ ڪمند جي آباد??ار?? کي 80 کان 90 ارب روپين جو سڌو سنئون فائدو ٿيو آهي، آباد??ار?? جي نمائندن وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم جي قيادت کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيندي چيو ته ماضي ۾ ڪنهن حڪومت يا اڳواڻ آباد??ار?? جي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪڏهن ايترو اونو نه ڪيو. 73 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت آباد??ار?? جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وفاقي وزير سيد فخر امام، مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار مسرت اقبال چيمه ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل به موجود هئا. آباد??ار?? جي نمائندن سان ڳالهائيندي وزيراعظم اقتصادي واڌ ۾ زرعي شعبي جي ??هم ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته زرعي شعبو ملڪي ترقي لاءِ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هن آباد??ار?? جي نمائندن کي خاطري ڪرائي ته آباد??ار?? جو استحصال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، منافع ۽ منافع خوري ۾ فرق هوندو آهي، حڪومت انهن کي ڳٺ جوڙ ۽ مافيا جي استحصال کان تحفظ فراه?? ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ سماجي ۽ اقتصادي ترقي، زراعت ۽ صنعتي شعبن جي وسيع تر ترقي سان جڙيل آهي، تنهن هوندي به الله تعاليٰ جي قانون موجب جيڪا قوم قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي پيروي ناهي ڪندي اها اڳتي نٿي وڌي سگهي. وزيراعظم ان ڏس ۾ حضرت علي جي قول جو حوالو ڏنو ته ڪفر جي حڪومت قائم رهي سگهي ٿي ناانصافي جو نظام نٿو هلي سگهي. وزيراعظم، چيو ته هو ڪنهن لابي جو حصو نه آهي ۽ نه ئي ان جا پاڪستان ۾ڪي ڪاروباري مفاد آهن، الله تعاليٰ پاڪستان کي هر قسم جي نعمتن سان نوايو آهي، بدقسمتي سان ملڪ ناانصافي جي ڪري ترقي کان هٽي تنزلي جو طرف ويو آهي