اسلام آباد – 24 ج??ن (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پي ٽي وي، ريڊيو ۽ اي پي پي کي موجُوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي، نئين ٽيڪنالاجي ۽ نوان پروگرام آڻي رهيا آهيون، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊجيٽل ايڊورٽائزنگ پاليسي تيار ڪئي پئي وڃي، ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن جي عمل سان چئ??لز جي ريٽنگ ۾ شفافيت ايندي، اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ طرف ??ڃي رهيا آهيون، پاڪستان مي??يا چئنلز کي عالمي سياست ۽ مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس جي صدر ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني چئ??لز عالمي سياست ۽ مسئلن تي ڌيان نه ڏئي رهيا آهن، ملڪي نيوز چئ??لز تي صرف ??لڪي سياست تي ئي ڳالهه ٿيندي آهي، هن چيو ته ڀارتي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪئي پر پاڪستاني ٽي وي چئ??لز تي ان بابت ڪا به ڳالهه ناهي ٿي، هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته اي پي پي کي ڊجيٽل نيوز ايجنسي بڻائي رهيا آهيون، ان جو فائدو پاڪستاني مي??يا کي به ٿيندو، وزارت جي ڊجيٽل مي??يا ونگ کي اي پي پي ۾ ضم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته موجوده حڪومت اي پي پي کي رائٽرز ۽ ايجنس فرانس پريس (اي ايف پي) جي برابر آڻڻ لاءِ پرعزم آهيون.