اسلام آباد – 07 ??گس?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪن??لا??ي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم ان موقعي تي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ووٽ وجهڻ جو عملي مظاهرو ڪيو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين مان نڪرڻ وارو ووٽ وجهي به سگهبو. سائنس ۽ ٽيڪن??لا??ي واري وفاقي وزير شبلي فراز بريفنگ ڏيندي چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي سافٽ ويئر کي اعليٰ معيار موجب ٺاهيو ويو آهي ۽ ان مشين کي انٽرنيٽ ج?? ضرورت نه آهي.