دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪس??ان ۾ مختلف شعبن ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته خطي جي ملڪن خاص طور تاجڪس??ان جا سيڙپڪار انهن موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، علائقائي ۽ عالمي سيڙپڪارن کي پاڪس??ان جي حڪومت هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، جنهن سان نه رڳو معيشت پر عوام کي به فائدو پهچندو، هن اها ڳالهه پاڪس??ان تاجڪس??ان بزنس فورم سان خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود به وزيراعظم سان گڏ هو، ٻطرفو واپار وڌائڻ جي حوالي سان اهميت رکندڙ فورم واپار واري وزارت، سيڙپڪار?? بورڊ ۽ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪس??ان جي تعاون سان منعقد ٿيو، فورم ۾ 67 پاڪس??ان جڏهن ته 150 تاجڪ ڪمپنيون شريڪ ٿيون، فورم ۾ شريڪ ڪمپنين جو تعلق ٽيڪسٽائيل، چمڙي جي صنعت، فارماسيوٽيڪل، ايگريڪلچر، مائننگ، ٽوئرازم، لاجسٽڪس جي شعبن سان آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان کان 67 ڪمپنيون تاجڪس??ان آيون آهن، ٻنهي ملڪن جي واپارين کي سهولتون ڏيڻ بابت قدم کنيا ويندا ۽ ڪاروباري ۾ آساني پيدا ڪئي ويندي، تاجڪس??ان ۾ توانائي خاص طور تي پن بجلي جي حوالي سان تمام گهڻا موقعا موجود آهن، بدقمستي سان پاڪس??ان ۾ بجلي مهانگي آهي، اسان صاف، سستي پن بجلي مان فائدو وٺڻ جا خواهشمند آهيون، ڪاسا 1000 منصوبي تي ڪم تيز ٿيڻ گهرجي، منصوبي جي جلد پڄاڻي چاهيون ٿا، 80 ملين ڊالر جو گڏيل واپار ٻنهي ملڪن جي حقيقي صلاحيت کان تمام گهٽ آهي، حڪومت ڪاروبار لاءِ مناسب سهولتون فراهم ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيد?? ڪيون وينديون، وزيراعظم چيو ته ٻطرفي واپار سان نه رڳو معيشت پر عوام کي به فائدو پهچندو، افغانس??ان جي صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته 40 سالن جي جنگ کانپوءِ امن قائم ٿيو آهي. جامع حڪومت جي قيام سان پاڻ ۾ رابطا وڌندا، بزنس فورم ۾ سوالن ۽ جوابن جي ويهڪ به ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ڪاروباري شخصيتن جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ پاڪس??ان ۽ خطي ۾ ڪاروباري موقعا اجاگر ڪيا ويا.