دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چيني پرڏيهي وزير وانگ يي ملاقات ڪئي، اها ملاقات هتي شنگهائي تعا??ن تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ پاڪ چين ٻطرفي لاڳاپن، سي پيڪ ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان ملاقات ۾ چين جي صدر ۽ وزيراعظم لا??ِ نيڪ خواهشن پيغام ڏنو. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۽ چين هڪٻئي جي گهڻو ويجهو ۽ تزويراتي حصيدر آ??ن. ??ن ڪووڊ – 19 جي وبا دوران چين پاران پ??ڪس??ان سان تعاون کي ساراه??و. ??زيراعظم چيو ته سي پيڪ هڪ قسمت بدلائيندڙ منصوبو آهي ۽ ٻنهي طرفن کان ان جي جلد تڪميل لا??ِ ڪوشان آهن، وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پ??ڪس??ان ۽ خطي جي لا??ِ گهڻو ضروري آهي، پ??ڪس??ان افغانستان ۾ امن لا??ِ تمام گهڻو تعاون ڪيو آهي، پ??ڪس??ان ۽ چين هڪ جامع علائقائي ايپروچ لا??ِ افغانستان جي 6 پاڙيسري ملڪن جو اجلاس گهرائڻ لا??ِ گڏجي ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته عالمي برادري کي افغان عوام جي مدد لا??ِ ڪوششون جاري رکڻيون پونديون ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ ۽ معيشت جي مضبوطي لا??ِ قدم کڻڻا پوندا. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي طرفن کان اعليٰ سطحي مٽاسٽا جاري ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجها رابطا هموار رکندا.