اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جو آئين سمنڊ پا?? پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏي ٿو، ان سلسلي ۾ هڪ آسان آن لائين طريقيڪار ذريعي ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ ووٽنگ ۾ انهن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن. ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي خطاب ڪندي صدر چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جو قومي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي، انهن کي انهن جي راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ انهن سان وڏو امتيازي سلوڪ ٿي سگهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) شفاف طريقي سان ووٽر لسٽن جي تياري لاءِ تعاون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سمنڊ پا?? پاڪستانين جي لاءِ پوسٽل بيلٽ ۽ سفارتخانن ۾ عملي پولنگ جي ذريعي ووٽ ڏيڻ جي حوالي سان ڏکيائيون آهن، انٽرنيٽ ووٽنگ ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستانين جي لاءِ ووٽ وجهڻ جو سڀ کان آسان ۽ قابل عمل طريقو آهي. هن زور ڏنو ته پاڪستان کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال سميت مختلف شعبن ۾ ترقي جي لاءِ نئين ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ گهرجي. آنل ائين ووٽنگ جي تفصيل بابت هن چيو ته حڪومت ويجهي مستقبل ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ 5، 6 ڏينهن جي لاءِ رجسٽريشن ونڊو کولي ڇڏيندي. هن چيو ته داخلا کانپوءِ نادرا جي ووٽر لسٽ ۾ شامل ٿيڻ تي ملڪ جي مقامي فهرستن ۾ ٻٽي شهريت رکندڙن جو نالو گري آئوٽ ٿي ويندو، ان کانسواءِ سمارٽ فونز جي ذريعي ووٽنگ جي رازداري سان استعمال ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪوڊ ملندو. هن وڌيڪ چيو ته غيرشفافيت جي خدشي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ وڌل ووٽن جي الگور ٿم کي ملايو ويندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن هڪ آڊٽ سستم لڳائڻ جي تجويز ڏني هئي جنهن جي لاءِ پا?? ورڊز چيف اليڪشن ڪميشن ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان ٻنهي کي ڏئي سگ??جي ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ موثر آڊٽ سسٽم آن لائين ووٽ??گ سسٽم جي هيڪنگ کي روڪي سگهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سمنڊ پا?? پاڪستانين جي لاءِ ووٽنگ جي عمل کي آسان بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي ڄاڻ ۽ مهارت کي ملڪ ۾ پنهنجي هم وطنن سان شيئر ڪن ته جيئن انهن کي دنيا ۾ سبقت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي. ان موقعي تي وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سمنڊ پا?? پاڪستانين جي حقن جي لاءِ صدر ۽ وزيراعظم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.