اسلام ??با?? – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ تڪرارن جي حل جي لاءِ او آءِ سي جي موثر ڪردار جو گهرجائو آهي، 57 مسلمان ملڪن جو آواز رکندڙ او آءِ سي گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل مل??ئي??يا جي پنهنجي هم منصب سيف الدين عبدالله سان ڪئي جنهن وفد سان گڏ پرڏي??ي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏي??ي وزير چيو ته پاڪستان مل??ئي??يا سان اقتصادي، واپاري، دفاعي، تعليمي، سياحتي ۽ سائنسي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي ف??وغ لاءِ پرعزم آهي. اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان عالمي فورمن تي پاڪستان ۽ مل??ئي??يا جي وچ ۾ موقف ۾ هڪ جهڙائي خوش آئنده آهي. پرڏي??ي وزير پاڪستان ۽ مل??ئي??يا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن جي ف??وغ لاءِ سفري پابندين تي نظرثاني جي ضرورت تي زور ڏنو. مل??ئي??يا جي پرڏي??ي وزير سيف الدين عبدالله شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.