اسلام آباد – 24 ڊسمبر (??ي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان ”اسل??مي معاشرو ۽ احترام قا??ون“ جي موضوع تي جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ڊاڪٽر عبدالڪريم عثمان خطبي ۾ اسل??مي معاشري ۾ احترام قا??ون ۽ عهد جي پاسداري جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اسل??مي تعليمات ۾ انفرادي سان ??ڏوگڏ اجتماعي ۽ معاشرتي زندگي ۾ به عهد کي پورو ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي، هن چيو ته الله تعاليٰ ڪامياب مومنن جي صفات مان هڪ امانتن ۽ عهد جي پاسداري بيان ??ئي آهي، هن حضور ﷺ جي حيات طبيه جي روشني ۾ عهد جي پاسداري جا مثال بيان ??ندي صلحه حديبيه جو خصوصي حوالو ڏنو جنهن ۾ مسلمانن جي گڏيل معاملن سان ??ڏوگڏ ٻين قومن سان ??يل واعدن کي نڀائڻ جو درس موجود آهي، هن چيو ته هڪ فرد جي لاءِ لازم آهي ته هو جنهن ملڪ جو رهواسي آهي ان ??ي قانون جي پيروي ڪري، اها عهد جي پاسداري جي هڪ صورت آهي. هن چيو ته قا??ون جي خلاف وريزي اصل ۾ اسل??مي تعليمات جي رو گرداني ۽ ٻين ماڻهن جي لاءِ تڪليف جو سبب بڻجندي آهي، هن چيو ته جائزه امور ۾ اسل??مي رياست ??ي قانون جي پاسداري ضروري آهي، ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو باقاعدگي اهتمام ڪيو پيو وڃي.