اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان عالمن جي معاشرتي ذميدارين جي موضوع تي جم??ي جو خطبو سڌو سئنون نشر ڪيو و??و، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جم??ي جي نماز ادا ڪئي، خطيب فيصل مسجد ڊاڪٽر قاري ضياءُ الرحمان جم??ي جي خطبي ۾ قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ عالم سڳورن جي معاشرتي ذميدارين جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن اسلامي تاريخي حوالن جي روشني ۾ دين اسلام ۾ عالم سڳورن جي معاشرتي ذميدارين تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ماڻهن ۾ فهم دين پيدا ڪرڻ ۽ اصلاح ڪرڻ عالم سڳورن جي ذميداري آهي، جمعو معاشري، ماڻهن ۽ ع??ام جي اصلاح جو ڏينهن آهي، هن چيو ته اسان جو دين اسلام تمام گهڻو وسيع آهي اهو و??ت، قوم ۽ علائقي تائين محدود نه آهي، مسجدن ۽ منبر کي ع??ام النساس ۽ معاشري جي اصلاح لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، عالم سڳورا سماجي مسئلن جي حل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هو مسجدن کان ٻاهر نڪرن ۽ سماجي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجون ذميداريون پوريون ڪن، هن چيو ته اسان جي دين ۾ ماڻهن جي اصلاح سان گڏوگڏ حقوق العباد جو نظام به ملي ٿو، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي، خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي و??ي، جم??ي جي نماز دوران ڪورونا وائرس جي و??ا جي نئين لهر جي تناظر ۾ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪيو و??و. سماجي فاصلو ۽ ماسڪ پائي نماز ادا ڪئي و??ي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جم??ي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو و??و آهي.