اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترقياتي حصيدارن ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو سڄي دنيا ۾ نظراندز ڪيل هڪ ارب معذو?? ماڻهن جي ٽيڪنالاجي مدد جي ذريعي ض??ورتون پوريون ڪرڻ ۾ تعاون ڪري، معذو?? ماڻهن جي زندگين ۾ آساني آڻڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ض??ورت آهي، پاڪستان ان معاملي تي عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ عالمي سطح تي ڪوششن ۾ سڀني کان اڳيان آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻي معذوري سربراهه اجلاس جي ڏس ۾ مددگار ٽيڪنالاجي (اي ٽي) کي متحرڪ ڪرڻ جي موضوع تي تقريب کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو ايڊ اسڪيل گلوبل پارٽنرشپ فار اسسٽيو ٽيڪنالاجي ۽ صحت جي عالمي اداري جي تعاون سان ڪيو هو. ڊبليو ايڇ او پاڪستان صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ورچوئل خطاب لاءِ اهتمام ڪيو هو. ان تقريب جو مقصد عالمي ايجنڊا تي مدگار ٽيڪنالاجي جي پهچ ۾ اضافي جي اهميت جي وڪالت ڪرڻ هو، شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف عوي چيو ته 90 سيڪڙو گڏيل معذوري جي ماڻهن جي مددگار ٽيڪنالاجي تائين پهچ نه آهي، انهن ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ مددگار ٽيڪنالاجي تائين انهن جي پهچ ۾ بهتري اهم معاملو آهي. هن چيو ته هو ۽ سندس گهرواريءَ بيگم ثمينه علوي معذو?? ماڻهن جي مسئلن ۽ حقن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، هن چيو ته دنيا کي معذو?? ماڻهن جي مددگار ٽيڪنالاجي تائين پهچ ۾ بهت??ي لاءِ پاليسي سازي ۽ عزم جي ض??ورت آهي، انهن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي ۽ ڪجهه وقت کين عينڪ جهڙين سادين شين جي ض??ورت هوندي آهي، آسان مددگار ٽيڪنالاجي جي ذريعي معذو?? ماڻهن کي مدد فراهم ڪري سگهجي ٿي.
هن چيو ته پاڪستان ان معاملي تي عالمي برادري جو ڌيان ڏيارڻ لاءِ عالمي سطح تي ڪوششن ۾ سڀني کان اڳيان آهي. پاڪستان 15 سال اڳ معذو?? ماڻهن جي حقن بابت ڪنوينشن تي صحيحون ڪيون آهن ۽ هي صحت جي عالمي اداري جي ايگزيڪٽو بورڊ ۽ گڏيل قومن جي ??نر?? اسيمبلي جي ايجنڊا ۾ ان معاملي کي شامل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. مستقبل ۾ ان تي تفصيلي بحث ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان معذو?? ماڻهن تائين پهچ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ احساس پروگرام جي ذريعي کين امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته صحت جي عالمي اداري جي ريپڊ اسسمنٽ ٽيڪنالاجي جي ذريعي پاڪستان پنهنجي پوري نه ٿيندڙ ضرورتن ۽ وسيلن ۾ فرق جو جائزو ورتو آهي ۽ ان فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪيون وينديون. صدر چيو ته 21 هين صدي ۾ دنيا کي هڪ ارب معذو?? ماڻهن جي ض??ورتن کي ڏسڻ گهرجي جنهن کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ انهن جي ٽيڪنالاجي جي بنياد تي مدد جي ض??ورت آهي. هن معذو?? ماڻهن جي ض??ورتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي مددگار ٽيڪنالاجي تائين پهچ ۾ بهت??ي لاءِ اي ٽي اسڪيل ۽ صحت جي عالمي اداري جي ڪوششن کي ساراهيو.
واضح رهي ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي سطح تي اي ٽي جي ايجنڊا کي پکيڙڻ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان ڊبليو ايڇ او سان سهڪار ڪندڙ دنيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن اي ٽي تي عالمي ۽ علائقائي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 69 هين عالمي صحت اسيمبلي جنيوا جي دوران مددگار مصنوعات جي فهرست جاري ڪئي، اوڀر بحيره روم ۾ 22 ملڪن لاءِ علائقائي اسٽريٽجڪ اي ٽي فريم ورڪ تيار ڪيو، ريپڊ اي ٽي اسسمنٽ سروي ڪرايو ۽ اي ٽي بابت اسلام آباد پڌرنامو پيش ڪيو.