سکر – 25 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ڪاروباري طبقي ۽ چيمبر جي ڪردار کي انتهائي اهميت وارو قرار ڏيندي چيو آهي ته مشڪل حالتن جي باوجود پاڪستان معيشت جي مختلف شعبن ۾ بهتري ڏيکاري، ان حوالي ??ان حڪومت جي پاليسين جو عالمي سطح تي ??عتراف ڪيو ويو آهي، اسان کي دنيا سان گڏ ترقي جي عمل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڊجيٽلائيزيشن طرف وڃڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر چيمبر آف ڪامرس جي وفد سان ملاقات ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ??جلاس ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، حليم عادل شيخ، خرم شير زمان، سينيٽر سيف الله ابڙو ۽ واپاري اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سکر چيمبر آف ڪامرس جي صدر عامر علي ??ان غوري بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ??در ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ڪاروباري ماڻهن ۽ چيمبرز جي ڪردار کي انتهائي اهميت وارو قرار ڏيندي چيو ته مشڪل حالتن جي باوجود پاڪستان معيشت جي مختلف شعبن ۾ بهتري ڏيکاري آهي، ان حوالي ??ان سڄي دنيا ۾ حڪومت جي پاليسين جو اعتراف ڪيو ويو آهي. صدر چيو ته پاڪستان زراعت سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، پوري دنيا ۾ مهانگائي تيزي سان وڌي آهي ۽ ان جا اثر هر جڳهه تي ??اهر ٿيا ??هن. هن چيو ته چيمبر آف ڪامرس، ڪاروباري ماڻهو ۽ سيڙپڪارن جو ملڪي معيشت ۾ ڪردار گهڻو اهم آهي. حڪومت واپاري برادري کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. صدر نوجوانن کي چيمبرز ۽ مختلف يونيورسٽين جي مدد سان ووڪيشنل ٽريننگ فراهم ڪرڻ تي ??ور ڏيندي چيو ته حڪومت پاران ڪامياب جوان پروگرام ۽ قرضن جي فراهمي سان عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. صدر وفد کي سکر ايئرپورٽ کان انٽرنيشنل فلائيٽس، ڊرائي پورٽ ۽ انڊسٽريل زون جي حوالي ??ان سفارشون ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته سکر ريجن جي ترقي لاءِ قدم کڻندا ره??داسين، حيدر آباد سکر موٽر وي سان عوام کي سفري سهولت ملندي ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو، صدر چيو ته اسان کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ وڌيڪ ترقي ڪرڻي پوندي، سڄي دنيا ۾ آءِ ٽي، ڊجيٽل اسڪلز پروگرام سان لکين نوجوان روزگار ڪمائي ره??ا آهن، اسان کي دنيا سان گڏ ترقي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڊجيٽلائيزيشن طرف وڃڻو پوندو. اجلاس ۾ ڪاروباري ماڻهن کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ تجويزن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.