اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ث??ين?? عارف علوي چيو آهي ته ڇاتي جي ڪينسر بابت وڏي پئماني تي ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا عورتن جو تعداد ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي، ڇاتي جي ڪينس?? جي وڌندڙ شرح کي روڪڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي، وقت سر سڃاڻپ ۽ علاج سا?? ان مرض کان بچي سگهجي ٿو، حڪومت عورتن کي پاڻڀرو بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۽ پنڪ ربن جي اهتمام هيٺ ڇاتي جي ڪينسر کان بچاءُ جي موضوع تي منعقد هڪ سيمينار ۾ خاص مهمان جي حيثيت سا?? خطاب ڪندي ڪيو. خاتون اول بيگم ث??ين?? عارف علوي چيو ته معاشري جو اهم حصو هجڻ جي ناطي صحتمند عورتون ئي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردا ادا ڪري سگهن ٿيون، ان لاءِ عورتون ڇاتي جي ڪينسر جهڙي موذي بيماري کان تحفظ حاصل ڪرڻ لاءِ هر مهيني باقاعدگي سا?? پنهنجو معائنو ڪرائين. هن چيو ته عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر سا?? موت جو بنيادي سبب ان موذي مرض جي وقت سر سڃاڻپ نه ٿيڻ آهي ڇو ته شروعاتي مرحلي ۾ سڃاڻپ ٿيڻ سا?? اهو مرض 98 سيڪڙو تائين قابل علاج آهي، دير سا?? سڃاڻپ جي ڪري اها بيماري عورتن جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندي آهي ان لاءِ ڪنهن به علامت جي ظاهر ٿيڻ جي صو??ت ۾ معائنو ڪرائڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ عورتن جي موت جي سببن مان هڪ ڇاتي جو ڪينسر آهي، ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ اهو مرض وڌي رهيو آهي، ث??ين?? عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ هر سا?? 90 هزار عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينس?? جي سڃاڻپ ٿيندي آهي جنهن سا?? ڪيتريون ئي عورتون موت جي منهن ۾ هليون وينديون آهن، جنهن جو وڏو سبب ڇاتي ۾ ٿيندڙ تبديلين کي نظرانداز ڪرڻ ۽ ڊاڪٽر سا?? رجوع ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ آهي، ڇاتي جي ڪينس?? جي وقت سر سڃاڻپ ضروري آهي، شروعاتي مرحلي ۾ ڇاتي جي ڪينس?? جي سڃاڻپ سا?? علاج آسان ۽ مڪمل شفا ممڪن آهي ان لاءِ پنهنجي ڇاتي ۾ ڪنهن به قسم جي غير معمولي تبديلي جي صو??ت ۾ فورن ڊاڪٽر سا?? رابطو ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به قسم جي گهٻرائٽ نه ڪرڻ گهرجي. خاتون اول چيو ته 40 سا??ن کان گهٽ عمر جون عورتون باقاعدي سا?? پنهنجو معائنو پاڻ ڪن، 40 سا??ن کان وڌيڪ عم?? جي عورتن کي باقاعدگي سا?? هر سا?? ميمو گرافي ڪرائڻ گهرجي، عورتون سڄي مهيني ۾ صرف پنج منٽ پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي پنهنجو معائنو ڪرائين ته جيئن ان موذي مرض کان بچي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته ڏورانهن علائقن ۾ جتي عورتن جي سوشل ميڊيا تائين پهچ نه آهي، عورتن کي ٽيليفون ميسيج جي ذريعي آگاهي ملي رهي آهي، ان سلسلي ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪردار کي به ساراهيندي چيو ته ميڊيا کي ڇاتي جي ڪينس?? جي سببن، علاج ۽ بچاءُ جي باري ۾ ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ميڊيا کي پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پاڪستان ۾ آگاهي نه هجڻ جي ڪري ڇاتي جي ڪينسر جي ش??ح وڌيڪ آهي، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته مختلف اين جي اوز سا?? گڏجي اسان ان موذي مرض کان بچاءُ لاءِ سڄي ملڪ ۾ آگاهي مهم شروع ڪئي آهي جنهن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ هاڻي ماڻهن ۾ اهو احساس ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي ته ڇاتي جي ڪينسر سماجي بدنامي نه پر هڪ موذي بيماري آهي. ان کان اڳ ث??ين?? عارف علوي نيشنل ڪاليج آف آرٽس جي ٽولٽن مارڪيٽ آرٽ گئلري جو دورو ڪيو، ان کانپوءِ خاتون اول ڪاليج آف آرٽس اينڊ ڊزائين يونيورسٽي آف پنجاب جي اهتمام هيٺ منعقد تصويري نمائش جو افتتاح ڪيو ۽ آرٽ گئلري جو دورو ڪيو.