اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته ڦورو ٽولو ست رڇين جُون دعوتون اڏائي رهيو آ??ي، عمران خان جي ڪري انهن جون ملاقاتون ٿي رهيون آهن، ڪڏهن هڪ ٻئي کي گهلڻ جي ڳالهه ٿيندي رهي، انهن جي ڪهڙي گڏيل ايجنڊا آهي پاڪستان يا عوام جي مفاد لاءِ ان ۾ ڪجهه آهي؟ او آءِ سي جو اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آ??ي، اهڙي موقعي تي لانگ مارچ جون ڳالهيون ڪندڙ ٻڌ??ئي?? ته انهن کي ذاتي سلامتي يا ملڪي سلامتي عزيز آهي، اسان کي لانگ مارچ احتجاج کان ڪو خوف نه آهي، ساڍا 7 ارب جو شهباز شريف جو نيب وٽ جڏهن ته 16 ارب جو ايف آءِ اي ۾ شهباز شريف جو ڪيس هلي رهيو آ??ي، پنهنجي ساڍا ٽي سالا ڪارڪردگي عوام آڏو کڻي وڃي رهيا آهيون، سي اي سي وزيراع??م کي چين جي ڪامياب دوري تي مبارڪباد ڏني آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فرخ حبيب چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سڀني صدرن پنهنجي ڪارڪردگي جون رپورٽون پيش ڪيون آهن. هن چيو ته پارٽي جي تنظيم سازي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پارٽي صد??ن کي 15 ڏينهن جي ڊيڊ ل??ئي?? ڏني وئي آهي. پارٽي جو مستقل پارلياماني بورڊ ٺاهيو ويو آ??ي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آ??ي، پارليامينٽ جا ميمبر ۽ پارٽي ڪارڪنن جي خواهش آهي ته وزيراعظم عوام ۾ اچي حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ ترجيحون شيئر ڪري. هن چيو ته پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن سياسي جدوجهد ۾ وڏا وڏا عوامي ميڙ ڪيا آهن. ضلعن جي سطح تي پارٽي ورڪرز ڪنوينشن ڪيا ويندا. وزيراعظم عمران خان وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته 9 فيبروري تي وزيراعظم فيصل آباد جو دورو ڪندو، جتي هو هيلٿ ڪارڊ جي شروعات ڪندو، جنهن سان ضرورتمند مريض پنهنجو علاج ڪرائي سگهندا. هن چيو ته صحت ڪارڊ جي ذريعي 10 لک رپين ت??ئي?? مفت علاج ڪرايو ويندو، جنهن جو بار حڪومت برداشت ڪندي. پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم سڌوسنئون عوام کي فائدو پهچايو آ??ي. هن چيو ته 31 مارچ ت??ئي?? پنجاب جي 100 سيڪڙو آبادي صحت ڪارڊ مان فائدو کڻندي. پنجاب حڪومت 450 ارب ان منصوبي جي لاءِ رکيا آهن. سي اي سي وزيراع??م کي چين جي ڪامياب دوري تي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته جتي ملڪي سلامتي جي ڳالهه هجي ته بغض ۽ حسد نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي چوندا هئا ته سي پيڪ منصوبو سست ٿي ويو آ??ي، انهن کي بري طرح ناڪامي ٿي آهي، هن دوري سان پاڪ چين لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا. سڌوسنئون سيڙپڪاري ايندي، سڌوسنئون فائدو پاڪستان جي عوام کي ٿيندو. فرخ حبيب چيو ته ڪڏهن هڪ ٻئي کي گهلڻ جي ڳالهه ٿيندي هئي، اڄ اهي ملاقاتون ڪندا ۽ دعوائون اڏ??ئي??دا ڏسڻ اچڻ ٿا، انهن جي گڏيل ايجنڊا آهي، جنهن ۾ پاڪستان يا عوام جي مفاد لاءِ ڪجهه نه آهي. هن چيو ته او آءِ سي جو اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آ??ي، اهڙي موقعي تي لانگ مارچ جون ڳالهيون ڪندڙ ٻڌ??ئي?? ته پنهنجي ذاتي سلامتي عزيز آهي يا ملڪي سلامتي عزيز آهي. اسان کي لانگ مارچ احتجاج جو ڪو خوف نه آهي. هن چيو ته ساڍا 7 ارب جو شهباز شريف جو نيب وٽ جڏهن ته 16 ارب جو ايف آءِ اي ۾ شهباز جو ڪيس هلي رهيو آ??ي. هن چيو ته لاهور پي ڊي ايم کان ٽ??ئي?? ٽ??ئي?? فش فش ٿي وئي هئي. پنهنجي ساڍا 3 سالا ڪارڪردگي عوام آڏو کڻي وڃي رهيا آهيون.