اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڄمون ۽ ڪشمير ت?? او اءِ سي رابطا گروپ جي هڪ فعال ميمبر جي ??ور ت?? آذربائيجان جي ??عاون جي واکاڻ ڪئي آهي، وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري پريس رليز موجب جمهوريه آذربائيجان جي ??فاع واري وزير ڪرنل جنرل ذاڪر حسنوف وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار دفاعي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته ٻه طرفي و??پا??، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن تي خصوصي ڌيان ڏيندي انهن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي، وزيراعظم او آءِ سي ۾ آذربائيجان جي ڄمون ۽ ڪشمير ت?? رابطا گروپ جي هڪ فعال ميمبر جي ??ور ت?? تعاون کي ساراهيو. هن آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام کي والاريل علائقن کي آزاد ڪرائڻ تي مبار??با?? ڏني ۽ کڻ قفقاز ۾ امن ۽ خوشحالي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ آذربائيجان جي ڪوششن کي ساراهيو. آذربائيجان جي ??فاع واري وزير آذربائيجان جي ??در پاران وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو،. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته پاڪستان جي قومي ڏينهن جي 23 مارچ پريڊ ۾ آذربائيجان جي هٿياربند فوج جو دستو به شرڪت ڪندو.