اسلام ??باد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته چورن جي ٽولي جو وڏي واڪي مطالبو هو ته ٻاهرين سازش جي حوالي سان خط پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ جڏهن خط پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي ۾ بريفنگ جي دعوت ڏني ته مير صادق ۽ مير جعفر ڀڄي ويا، قومي سلامتي ڪميٽي جي پڌرنامي کانپوءِ انهن ماڻهن لاءِ شرم جو مقام ??هي جيڪي پاڪستان ۾ حڪومت جي تبديلي لاءِ ٿيندڙ ٻاهرين سازش کي ڪوڙ چئي رهيا هئا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ پنه??جي سيريز آف ٽوئيٽ ۾ ڪيو، مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر جو مير صادق ۽ مير جعفر وارو ڪردار قوم جي سامهون ا??ي ويو آهي، مخالف ڌر خط کي پارليامينٽ ۾ آڻن واري مطالبي تي به قائم نه رهي ۽ ڪميٽي جي سامهون جڏهن معاملو پيش ڪيو ويو ته اهي ڀڄي ويا ۽ انهن جي اها سازش بي نقاب ٿي وئي، مملڪتي وزير چيو ته ان سرڪس مان صاف واضح ٿي ويو آهي ته اهي مليل آ??ن، هن چيو ته ٻاهرين سازش سان هارس ٽريڊنگ لاءِ 15 ارب روپيا اڇلايا ويا، هن چيو ته اسان به ائين ڪريون ها ته 172 کان به وڌيڪ ماڻهو اسان سان گڏ هجن ها. مملڪتي وزير ڪپتان ان ٻاهرين سازش جي خلاف ڄمي بيٺل آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڃان تائين پنج اوور باقي آ??ن، تمام ??لد اهم فيصلا ٿيڻا آ??ن، بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي، قوم جو اعتماد وزيراعظم عمران خان سان گڏ آهي.