اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي ??ي) وزيراعظم شهباز ??ريف پشاور موڙ کان ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي هڪ سادي ۽ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز ??ريف تختي جي نقاب ڪشائي ڪري منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جا اڳواڻ پڻ موجود هئا. 26.5 ڪلوميٽر ان ميٽرو بس منصوبي سان جاڙن شهرن کانسواءِ ٻين شهرن مان ايندڙ هزارين شهري پڻ فائدو کڻندا. تقريب ۾ ترڪيءَ جي سفير کانسواءِ چيني سفارتخاني جو ڊپٽي هيڊ آف مشن پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف وزارت عظميٰ سنڀاليندي ئي ميٽرو بس منصوبو جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.