اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ دوران عوام جي ڏنل ريليف پئڪيج تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چي?? آهي ته حڪو??ت جي اولين ترجيح مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام کي فور?? ريل??ف فراهم ڪرڻ آهي. اها ڳالهه هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي پهرين ڪابينا اجلاس ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون سان ڪم ڪرڻ جي عزم تي مبارڪباد ڏني. سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي سنڌ جي انتظامي معاملن تي پڻ بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران عوام کي ڏنل ريليف پئڪيج تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. هن چي?? ته موجوده حڪو??ت جي اولين ترجيح مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهيل عوام کي فور?? ريليف ڏيڻ آهي. هن چي?? ته عوام?? ريليف جي لاءِ صوبا ۽ وفاق گڏجي ڪم ڪندا.