ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آه?? ته بلوچستان جي محرومين کي ختم ڪيو ويندو، عوام جي خدمت ۾ ڪا ڪ??ر نه ڇڏينداسين، گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي انصاف ۽ قانون موجب حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خضدار ڪچلاڪ قومي رستي جي سيڪشن ون ۽ ٽو جو پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم خضدار ڪچلاڪ قومي رستي جي پيرهه جو پٿر رکيو، اهو 200 ارب رپين جو منصوبو آه??. هن هدايت ڪئي ته جيڪڏهن پري ڪواليفڪيشن کانسواءِ ڪانٽريڪٽرز جي چ??نڊ ڪئي وئي آه?? ته پري ڪواليفڪيشن جو عمل ڪيو وڃي ڇو ته سمورو عمل شفاف طريقي سان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آه?? ته جيئن سٺي شهرت رکندڙ ڪمپنيون اڳتي اچي منصوبي تي ڪم ڪن، انهن کي صلاحيت جو به ڪو مسئلو نه هوندو، بلوچستان پاران تمام گهڻا گلا شڪوا ٿيندا آه?? پر هاڻي گلا شڪوا ختم ڪرڻ ۽ محرومين کي خوشين ۾ بدلائڻ جو وقت آه??. هن چيو ته خضدار ڪچلاڪ منصوبي ۾ شفافيت آندي ويندي ۽ منصوبي کي تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي انصاف ۽ قانون موجب حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بلوچستان جي عوام ڀل??ئي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آه?? ۽ ان ۾ عوام جي خدمت ۾ ڪا ڪ??ر نه ڇڏينداسين. هن چيو ته ڪوڙ جو مقابلو سچ??ئي سان ڪنداسين ۽ ماضي جي بدترين ٻُڙي ڪارڪردگي جو مقابلو بهترين ڪارڪردگي سان ڪيو ويندو، ڪوتاهي ۽ سستي کي ڏينهن رات محنت ۾ بدل??ئي ڇڏينداسين.