اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي بيان کي آئين شڪني جي مٿان غنڊا گردي قرار ڏيندي چيو آهي ته آئين جي گهرجن جي ڳالهه عمران صاحب جي سياسي منافقت آهي، اهي ڪئين دوکا ڏئي رهيا آهن؟ پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چ??و ته عمران نيازي قومي اسيمبلي ۾ آئين شڪني ۽ غنڊا گردي ڪري جيڪو شرمناڪ تماشو ڪيو، انهي کي پنجاب ۾ ورجايو ويو، هن چ??و ته عمران نيازي ۽ سندس ڪٺ پتلين جي رويي جي ڪري عدالتن جا در??ازا آڌي رات جو کوليا ويا، رات جي انڌاري ۾ چورن وانگر هنن آئين ۽ پارليامينٽ تي راتاهو هن??و ته رات جو عدالت لڳي. هن چ??و ته عمران نيازي ڏينهن جي روشني ۾ آئين کي پائمال ڪندو آهي ۽ غنڊا گردي ڪندو آهي. وفاقي وزير چ??و ته ت??هي?? عدالت جا ??جرم عدالت کان نوٽيس وٺڻ جون اپيلون ڪهڙي منهن سان ڪري رهيا آهن؟ پهرين بوگس چونڊن سان ڏوهاري ڪٺ پتلي عمران نيازي پا??ستان تي مڙهيو ويو، پوءِ آئين شڪني ڪري ٻٽو آئيني جرم ڪيو. هن چ??و ته عمران خان پا??ستان جي عوام جي دولت ڦري، باوقار آئيني عهدي کي فرح گوگي جي ذريعي مال بڻائڻ جو ذريعو بڻايو. عمران نيازي پنهنجي شيطاني ڪاري ڪردار کي ڏسي جنهن جي تاريخ سدائين مذمت ڪندي رهندي. مريم اورنگزيب چ??و ته عمران خان جي حڪم تي آئيني عهدن جي ت??هي?? ڪئي وئي، صدر، گورنر، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر سڀني آئين پائمال ڪيو.