اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم شهباز شريف صوبن پاران ڪڻڪ جي خريداري جا هدف پورا نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صوبا پهرين جون تائين ڪڻڪ جي خريداري جا هدف حاصل ڪن، ٻاهران درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ جي صوبن ۾ شفاف ورڇ لاءِ فوري ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا حڪومت جي به هر ممڪن مدد ڪندي، اجلاس ۾ وفاقي وز??ر طارق بشير چيمه، مريم اورنگزيب، لاڳاپيل ڊويزن ۽ کا??ن جا آفيسر شريڪ ٿيا، ??ڏه?? ته صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم چيو ته قوم جو هڪ پئسو بچائڻ حڪومت جو فرض آهي، ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود آهي، جيتوڻيڪ صوبا ذخيره اندوزي جي خلاف قدم کڻن، عوام کي ڪنهن به صورت ۾ مشڪل ۾ نٿو وجهي سگهجي، وفاقي حڪومت هر صورت ۾ گهٽ قيمت ۾ اٽو فراهم ڪندي، وفاقي حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته صوبا پهرين جون تائين ڪڻڪ خريد ڪرڻ جا هدف پورا ڪري، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا حڪومت جي به هر ممڪن مدد ڪندي. غريب عوام جي خدمت اولين فرض آهي. وز??را??ظم نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وز??ر کي هدايت ڪئي ته ٻاهران درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ جي صوبن ۾ شفاف ورڇ لاءِ فوري ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، وز??را??ظم چيو ته سستي ۽ بهترين معيار جي ڪڻڪ درآمد کي يق??ني بڻايو وڃي. سڀني يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي جي 10 ڪلو جي قيمت 490 روپيا برقرار رکي وڃي، اوپن مارڪيٽ ۾ به باقي صوبا انهي قيمت کي يق??ني بڻائڻ لاءِ قدم کڻن.