اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين جي رهائشگاهه ويو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب چوڌري شجاعت حسين وزيراعظ?? کي ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين ۽ بجيٽ بابت تجويزون ڏنيون ۽ چيو ته اسان سڀني کي گڏجي هن ملڪ کي معاشي بحران ??ان ڪڍڻو آهي. وزيراعظم چيو ته چوڌري شجاعت حسين جون تجويزون تمام عوامي آهن ۽ انهن کي ضرور بجيٽ جو حصو بڻائينداسين. هن چيو ته توهان جا ٻئي وزير تمام محنتي ۽ دياندار آهن. ملاقات ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو ??فاقي وزير طارق بشير چيما، سيڙپڪاري بورڊ وارو ??فاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، ريلوي وارو ??فاقي وزير خواجه سعد رفيق، پنجاب جو صوبائي وزير ملڪ احمد خان، مسلم ليگ (ق) جو مرڪزي اڳواڻ چوڌري شافع حسين ۽ (ق) ليگ جي ايم اين اي فرح خان ???? موجود هئا.