اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اونگزيب چيو آهي ته قائداعظم يو??يو??سٽي سميت پاڪستان جون يو??يو??سٽيون تعليمي حوالي سان مضبوط آهن، انهي لاءِ عالمي سطح جي درجابندين ۾ پاڪستاني يو??يو??سٽين جو هڪ نالو ۽ مقام آهي، دنيا سان مقابلي ۽ ايندڙ وقتن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اسان کي يو??يو??سٽين ۾ اعليٰ تعليم سان گڏوگڏ اسڪلز ڊيولپمينٽ تي پڻ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، يو??يو??سٽين ۾ جڏهن سکڻ جي عمل سان گڏ جذبو به شامل ٿي وڃي ته ان جو ڪو مدمقابل ناهي هوندو. هو قائداعظم يو??يو??سٽي ۾ عالمي درجابندي جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت وارو وفاقي ??زي?? راڻا تنوير حسين، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرپرسن شائسته سهيل، قائداعظم يو??يو??سٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي، مختلف شعبن جي استادن ۽ شاگردن جو وڏو انگ موجود هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب چيو ته قائداعظم يو??يو??سٽي سان منهنجو هڪ گهرو تعلق آهي، مُون يو??يو??سٽي مان تمام گهڻو ڪجهه سکيو آهي، هن يو??يو??سٽي مان گريجوئيٽ ٿي لنڊن ويس ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. هن چيو ته قائداعظم يو??يو??سٽي سميت پاڪستان جون يو??يو??سٽيون تعليمي حوالي سان مضبوط آهن، انهي لاءِ عالمي سطح جي درجابندي ۾ پاڪستاني يو??يو??سٽين جو هڪ نالو ۽ مقام آهي. هن چيو ته قائداعظم يو??يو??سٽي جي اصل طاقت شاگرد ۽ شاگرد تنظيمون آهن ڇو ته هتي ملڪ جي مختلف حصن مان مختلف ڪلچر ۽ ٻولين جا شاگرد اچن ٿا، ان ماحول ۾ جيڪو ڪجهه سکن ٿا اهو ڪنهن اداري ۾ نه ٿو سکي سگهجي. هن چيو ته يو??يو??سٽين جي استادن جو معيار به اعليٰ آهي، ڊاڪٽر اعتزاز، ڊاڪٽر برقي سميت تدريس سان واڳيل وڏا نالا آهن. اهڙين د??سگ??هن مان جيڪي سکن ٿا انهن ۾ جيڪو جذبو شامل هوندو آهي ان جو ڪو مقابلو نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته د??سگ??هن جي اندر ڪلاس روم جي اندر ۽ ٻاهر تمام گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملي ٿو، قائداعظم يو??يو??سٽي ۾ ملڪ جا سمورا ڪلچر ۽ ٻوليون ملن ٿيون، پوري ملڪ جو ڪلچر ۽ زبان قائداعظم يو??يو??سٽي ۾ ملي ٿي. سدائين هڪ تعلق ۽ اهڙو رشتو هوندو آهي جيڪو لفظن ۾ ٻڌائي نه ٿو سگهجي، اهو پنهنجي تعليمي ادارن سان قائم ٿي ويندو آهي. هن چيو ته اڄڪلهه ايندڙ وقتن جي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي نصاب جو زمانو آهي، 20 کان 25 سالن ۾ ڪهڙي جاب مارڪيٽ آهي جيڪا اچڻ واري آهي ان موجب هيومن ڊيولپمينٽ ۽ اسڪلز ڊيولپمينٽ هجڻ گهرجي، دنيا سان مقابلي جي لاءِ اسان کي يو??يو??سٽين ۾ اعليٰ تعليم سان گڏوگڏ اسڪلز ڊيولپمينٽ تي پڻ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا ۽ پرفارمنگ آرٽس تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وفاقي ??زي?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آئين کي تعليمي ادارن ۾ لازمي پڙهائڻ گهرجي. مريم اورنگزيب چيو ته قانون جي شاگردن کي به آئين بابت معلومات نه هئي. هن چيو ته قائداعظم يو??يو??سٽي جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين يو??يو??سٽين ۾ ٿئي ٿو، قائداعظم يو??يو??سٽي جو اصل اثاثو هتان جا شاگرد آهن. هن چيو ته هتي هر ثقافت ۽ ملڪ جي هر علائقي مان شاگرد اچن ٿا. پرفارمنگ آرٽ جي ذريعي اسان پنهنجو ڪلچر پروموٽ ڪري سگهون ٿا. ان موقعي تي هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ڪلچر ۽ آرٽ جي شعبن ۾ غيرملڪي يو??يو??سٽين سان رابطو قائم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته عالمي سطح تي يو??يو??سٽيون ايندڙ 20 سالن جي اڪنامڪ صورتحال جي اسسمنٽ جي ذريعي پنهنجي رخ جو تعين ڪري رهيون آهن، اسان جي ملڪ ۾ به سرڪاري يو??يو??سٽين کي عالمي رجحانن موجب پنهنجي ترجيحن جي رخ جو تعين ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي هن عالمي رينڪنگ ۾ بهترين ڪارڪردگي تي يو??يو??سٽي جي فيڪلٽي ۽ شاگردن کي مبارڪباد ڏني. تقريب جي پڄاڻي تي وفاقي ??زي?? ڪيڪ ڪاٽيو ۽ شيلڊز ورهايون.