اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان نيٽ بال فيڊريشن جي اهتمام هيٺ جشن آزادي عورت نيٽ بال نمائشي م??چ ايليٽ اڪيڊمي ۽ پي اين ايف اڪيڊمي جي وچ ۾ 14 آگسٽ تي پي ايس بي ڪوچنگ سينٽر ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. ميچ جو خاص مهمان پاڪستان نيٽ بال فيڊريشن جو صدر مدثر آرائين ??ون??و. پاڪستان نيٽ بال فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل سيد گوهر رضا ٻڌايو ته سڀئي انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ ميچ جي پڄاڻي تي ڪ??ميابي حاصل ڪندڙ رانديگن ۾ انعام ورهايا ويندا.