اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي ??ي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ آسٽريليا جي نئين مقرر ٿيل هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم گذريل سالن دوران ٻطرفن لاڳاپن ۾ٿيندڙ مستحڪم اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت سميت ڪڻڪ جي پيداوار، چوپائي مال سميت لائيو اسٽاڪ، تعليمي ۽ تڪنيڪي تعاون، سڌوسنئون مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي خواهش ۽ عزم کي ورجايو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪ??و ۽ افغانستان مان پنهنجي شهرين ۽ ٻين ماڻهن جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان جي بطور سهولتڪار ڪرار تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان تعاون تي روشني وڌي جيڪو پاڪستان افغانستان جي صورتحال جي ڏس ?? خاص طور تي گذريل سال آگسٽ کان عالمي برادري سان جاري رکيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڀارت سان برابري، انصاف ۽ گڏيل احترام جي اصولن تي ٻڌل پرامن لاڳاپن جو خواهشمند اهي. ان ڏس ?? ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب منصفاڻو ۽ پرامن حل لازمي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري کي ان سلسلي ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇو ته اهو ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ آسٽريليا ۽ پاڪستان جي وچ م موج??د لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪ??و.