اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد چيو آهي ته گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس پاڪستان جي لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار طور اڄ جمعي ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان ايندو، گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ۽ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري کا??سواءِ ٻوڏ کا?? شديد متاثر علائقن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات کا??سواءِ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو دورو ڪندو جڏهن ته هو وزيراعظم سان گڏيل پريس ڪانفرنس پڻ ڪندو. انتونيو گوٽريس پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهه ٻولهه کا??پوءِ پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندا. گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کا?? سڀ کا?? وڌيڪ متاثر ٿيندڙ بلوچستان ۽ س??ڌ جي علائقن (سکر، موهن جو دڙو، لاڙڪاڻو ۽ اوستا محمد،) جو پڻ دورو ڪندو جتي هو امدادي ڪمن ۾ شروع کا?? سرگرم ڪارڪنن سان ملاقات کا??پوءِ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل ٻوڏ سٽيل علائقن جي صورتحال جو پاڻ مشاهدو ڪرڻ کا??پوءِ هو جمعي جي شام ڪراچي ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو.