اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڪالعدم تنظيم پاران ملڪ ۾ ٻوڏ بابت امدادي ڪمن بابت هڪ ڀارتي خابرو اداري پاران پنهنجي خبر ۾ هنيل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو رڳو پاڪستان جي خلاف ڀارتي تعصب ۽ عالمي سطح ??ي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڀارت جي مسلسل ڪوششن جو حصو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ب??ان موجب ائين پهريون ڀيرو ناهي ٿيو ته ڀار??ي ميڊيا سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ بي بنياد ۽ ههٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙڻ جو مظاهرو ڪيو آهي. ترجمان چيو ته اها بدقسمتي آهي ته عالمي برادري هڪ غيرمعمولي قدرتي آفت جي ڏس ۾ پاڪستان جي مدد ڪري رهي آهي جڏهن ته ڀار??ي ميڊيا جا ڪجهه عنصر امدادي سرگرمين تي شڪ ۽ شبها پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان غيرمنافعو ڏيندڙ ۽ غيرسرڪاري تنظيمن پاران ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين جي نگراني جي لاءِ مضبوط، ريگيوليٽري ?? نگراني جو طريقيڪار جوڙيو آهي. ترجمان پنهنجي ب??ان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ سمورا لاڳاپيل ادارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چوڪس آهن ته امدادي سرگرمين جي آڙ ۾ ڪا غيرقانوني سرگرمي نه ٿئي.