اسلام آباد -05 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سان آمريڪي وفد ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي سرگرمين جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آمريڪي ڪانگريس جي م??مبر شيلا جيڪسن لي وفد جي اڳواڻي ڪري رهي هئي، جڏهن ته ميمبرن ۾ ٽام سوزي ۽ آل گرين کان علاوه پاڪستان ۾ آمريڪا جو سفير ڊونلڊ بلوم پڻ شامل هو. موسمياتي تبديلي واري وزارت طرفان جاري بيان ??طابق آمريڪي وفد کي ٻوڏ متاثر علائقن م امدادي سرگرمين سميت متاثرن جي بحالي لاءِ گهربل امداد جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. وفاقي وزير وفد کي ٻڌايو ته ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو شديد متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته ملڪ جا ڏا??ڻا علائقا اڃا به پاڻي هيٺ آهن، جيڪي انساني صحت لاءِ خطرناڪ آهن. هن چ??و ته پاڻي سبب پيدا ٿيل بيمارين جي ڪري اسان ??يلٿ ايمرجنسي طرف وڃي ??هي?? آهيون، ٻوڏ سبب اڀرندڙ بحران کي م??هن ڏيڻ لاءِ فوري امداد جي ضرورت آهي. ان ??وقعي تي آمريڪي وفد ٻوڏ ۽ برساتن سبب قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. وفد سانوڻي جي تباهڪارين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکي وقت ۾ پاڪستان سان ??ڪمل تعاون ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.